پشاور : خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کان پوءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي هيليڪاپٽر ۾ آڻڻ جي ذميواري صوبائي وزيرن کڻي ورتي عمران خان جي پشاور پهچڻ واري ڏينهن صوبائي وزيرن جو اسلام آباد وڃڻ معمول بڻجي ويو آهي ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ دفعو ٻيهر خيبرپختونخواهه حڪومت جو سرڪاري هيليڪاپٽر استعمال ڪيو صوبائي وزير ڪامران بنگش کان پوءِ صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ محب الله به هيليڪاپٽر ۾ اسلام آباد ويو ۽ واپسي تي اڳوڻو وزيراعظم عمران خان صوبائي وزيرن سان گڏ پشاور جي گورنر هائوس پهتو سرڪاري هيليڪاپٽرن ۾ تحريڪ انصاف جا ٻيا اڳواڻ به هئا عمران خان وزيراعليٰ هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن اسيمبلي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪيو ۽ حڪومت جي مخالف تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ ڪارڪنن سان گڏ حلف کنيو
ان کان پهريان صوبائي وزير ڪامران بنگش ايڊورڊز ڪاليج ۾ خطاب جي لاءِ عمران خان کي هيليڪاپٽر ۾ اسلام آباد کان آندو هو صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ محب الله خان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ويو هئس جتان کان واپسي تي عمران خان هيليڪاپٽر ۾ مون سان گڏ پشاور آيو نئين قانون تحت صوبائي وزير سرڪاري هيليڪاپٽر استعمال ڪري سگهن ٿا
