98

عيد کانپوءِ سنڌ ۾ شادي هالز بند ڪرڻ جو اعلان

شادي هالز: ايسوسيئيشن شهر ۾ شادي هالز مسمار ڪرڻ خلاف عيد بعد احتجاج جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.شادي هال ايسوسيئيشن جي صدر راڻا رئيس جو چوڻ آهي ته شادي هالز مسمار ڪرڻ جو سلسلو بند نه ٿيو ته عيد کانپوءِ شادي هال بند ڪري ڇڏينداسين.هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪراچيءَ ۾ شاديءَ جون تقريبن جو بائيڪاٽ ڪنداسين، جنهن بعد سڄي صوبي ۾ شادي هالز بند ڪيا ويندا.سندس چوڻ هو ته اعليٰ اختيارين جيڪڏهن نظرثاني نه ڪئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.راڻا رئيس چيو ته ايس بي سي اي ۽ انتظاميا شهر ۾ قانوني شادي هالز کي به مسمار ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ تمام قانوني ڪاغذن جي موجودگي باوجود مسلسل شادي هالز کي مسمار ڪيو پيو وڃي، ايس بي سي اي جي ڪارروائي خلاف شادي هال مالڪن ۾ ڪاوڙ جي لهر آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو