اسلام آباد: ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون ۽ قانوني ماهر ڪرنل(ر) انعام الرحيم چيو آهي ته سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجه جي 2015 ۾ ڏنل فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون ۽ قانوني ماهر ڪرنل(ر) انعام الرحيم چيو ته 2015 جي فيصلي ۾ چيو ويو هو ته عوامي مفادن لاءِ سپريم ڪورٽ جا فيصلا عدالت سڳوري جي ويب سائيٽ تي اردو ۾ اپلوڊ ڪيا وڃن پر ڪوبه فيصلو اردو ۾ نه رکيو ويو.ياد رهي ته 2015 ۾ ان وقت جي چيف جسٽس جواد ايس خواجه آئين جي آرٽيڪل 251 جي تحت اردو کي آفيس ورڪ زبان طور لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. اردو ۾ لکيل فيصلي ۾ چيف جسٽس جواد ايس خواجه چيو هو ته اسان جو آئين پاڪستاني عوام جي ان خواهش جي عڪاسي آهي ته هو پاڻ تي لاکو ٿيندڙ سمورن قانوني ضابطن ۽ پنهنجن آئيني حقن بابت لاڳو ڪيل فيصلن کي سمجهڻ چاهين ٿا. هو اهو چاهين ٿا ته حڪمران جڏهن هنن سان مخاطب ٿين ته اهي پراڻي زبان ۾ نه پر قومي يا صوبائي زبان ۾ ڳالهيون ڪن اهو نه صرف عزت نفس جو مطالبو آهي پر انهن جي بنيادي حقن ۾ به شامل آهي.ريٽائرمينٽ کان پوءِ نجي چينل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي چيف جسٽس(ر) جواد ايس خواجه چيو هو ته مختلف جج صاحب فيصلا انگريزي ۾ لکندا آهن پر انهن کي انگريزي ايندي به نه آهي.جسٽس(ر) جواد ايس خواجه چيو ته عدالتن ۾ قومي زبان لکي ۽ ڳالهائي وڃي ته جوابدارن کي خبر پئجي سگهندي ته عدالت ۾ انهن بابت ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. جج آئين جي پاسداري جو حلف کڻندا آهن. آئين ۾ ته ذڪر ئي قومي، صوبائي زبانن جو آهي. اردو کي قومي زبان قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته آئين اجازت نٿو ڏئي ته جج صاحب انگريزي ۾ فيصلا ڇو لکندا آهن.هن چيو ته مختلف عدالتن ۾ اردو جي جڳهه انگريزي زبان استعمال ٿيندي آهي. جوابدارن کي خبر ئي نه پوندي آهي ته وڪيلن ۽ ججن وچ ۾ هنن بابت ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون. آهن. جواد ايس خواجه چيو هو ته هن بطور چيف جسٽس 8 سيپٽمبر 2015 تي آئين تحت قومي زبان اردو کي هر جڳهه سرڪاري زبان طور ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو هو. جيڪڏهن ان تي عمل ٿي وڃي ها ته زبان جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.