قرباني رڳو رسم نه پر هڪ عالمگير جذبو آهي: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف عيد الاضحيٰ جي موقعي تي قوم لاءِ پيغام ۾ چيو آهي ته قرباني رڳو رسم نه پر هڪ عالمگير جذبو آهي، قربانيءَ جو مقصد اعليٰ مقصدن جي حصول لاءِ پنهنجي جان ۽ مال الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ آهي ،وزيراعظم قوم کي عيد جون واڌايون ڏيندي چيو ته عيد جي موقعي تي محتاجن ۽ ضروروتمندن جي مدد ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته عيد تي اهڙن ماڻهن کي به ياد رکڻ گهرجي جن جا گهر گذريل سال ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ويا، احساس آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ مهانگائي گهڻي آهي،وزير اعظم چيو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، بجيٽ ۾پگهاردار ۽ مزدور طبقي کي رليف ڏنو ويو