شيخو پوره ۾ وحشي جوابدار اگهور ننڊ ستل 8 ڄڻن کي ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو

لاهور : شيخو پوره ۾ وحشي جوابدار اگهور ننڊ ستل 8 ڄڻن کي ڪهاڙي جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو
پوليس ذريعن موجب لاهور ويجهو شيخوپوره جي ڏوراهين ڳوٺ بيچز ۾ مختلف هنڌن تي رات جو ننڊ ستل 8 ڄڻن کي ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪيو ويو پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري هٿيار به هٿ ڪري ورتو آهي جنهن جي باري ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته گرفتار ڪيل شخص ظاهري طور تي ذهني معذور نظر اچي رهيو آهي افسوسناڪ واقعي کان پوءِ گرفتار ڪيل شخص جو نالو شروعاتي طور تي فيض ٻڌايو پيو وڃي جنهن رات جو ستل ماڻهن کي ڪهاڙي ۽ لوهي راڊ سان قتل ڪيو پوليس اختيارين موجب جوابدار سمورا قتل رات جو تقريبن 3 وڳي ويجهو ڪيا هئا واقعي کان پوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري پڻ پهچي وئي آهي پوليس قتل ڪيس جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڏني آهي ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ وارثن کي انصاف جي فراهمي يقيني بنائڻ جو يقين ڏياريو آهي آءِ جي پنجاب به آر پي او شيخوپوره کان رپورٽ طلب ڪندي واقعي جي سمورن رخن کان جاچ جو حڪم ڏنو آهي

پنھنجي راءِ لکو