جنيوا: گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي بابت قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪري ورتي قرارداد ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين سبب تباهي تي گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو جنرل اسيمبلي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ عالمي تعاون ۽ امداد جي اپيل ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي قرارداد ۾ ايندڙ موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ ۽ قدم کڻڻ تي زور ڏنو ويو آهي ان موقعي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير منير اڪرم ڳالهيون ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي 180 ميمبر ملڪن پاڪستان جي قرارداد کي اسپانسر ڪيو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهن جي همدردي ۽ مدد پاڪستان سان گڏ آهي
