سُڌ :سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سڀاڻي کان اليڪٽرڪ بسون روڊن تي اچي وينديون. ڪراچي شهر لاءِ وڌيڪ بسون اچي رهيون آهن. ڪراچي پاڪستان جو پهريون شهر آهي جتي اليڪٽرڪ بسون هلي رهيون آهن.کراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اليڪٽرڪ بسن جي لاءِ نوان چارجرز گهرايا ويا آهن. وڌيڪ بسون ڪراچي پورٽ تي سڀاڻي پهچي رهيون آهن. ڪوشش آهي ته ڪراچي شهر کي نئين بسن سان ڀري ڇڏيون. سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهوليت ۽ رليف ڏيون.شرجيل ميمڻ چيو ته سڄي دنيا جي سرمائيڪارن کي هتي اچڻ جي دعوت ڏينداسين. روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. پيپلز پارٽي جي قيادت مفاهمت جو پيغام ڏئي ٿي. اسان کي سوشل ميڊيا تي بدتميزي جو طوفان ناهي آڻڻو. هاڻ اسان کي ملڪ ۽ عوام لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو.صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ علاج لاءِ سڄي ملڪ کان علاوه پاڙيسري ملڪن مان به ماڻهو هتي اچي رهيا آهن. صحت لاءِ سنڌ حڪومت تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جنهن جي مثال نٿي ملي. قدرتي وسيلن کي استعمال ڪندي ڪم ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي ملڪن مان سرمائيڪاري اچڻ سان نوجوانن کي روزگار جو موقعو ملندو.پ پ اڳواڻ چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو هر ملڪ ۾ وڃي نوجوانن جي روزگار جي ڳالهه ڪئي. 15 جولاءِ کان ڌاٻيجي اڪنامڪ زون شروع ڪيو پيو وڃي. اڪنامڪ زون شروع ٿيڻ سان ماڻهن کي روزگار ملندو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به اليڪٽرڪ بسون هلايون وينديون. اي وي بسز جو پلانٽ ڪراچي ۾ لڳائينداسين. اي وي بسز جي پلانٽ لاءِ پاڙيسري ملڪ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.