ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ ايڪنڪ اجلاس: 400 ارب روپين کان وڌيڪ منصوبن جي منظوري

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ايگزيڪٽو ڪميٽي آف دي نيشنل اڪنامڪ ڪونسل ايڪنڪ جي اجلاس ۾ اربين روپين جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ايڪنڪ اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اجلاس ۾ سيالڪوٽ ۾ 500 ڪي وي جي سب اسٽيشن ٺاهڻ جي منظوري ڏني وئي ناڻي واري وزارت موجب سب اسٽيشن جي تيار ٿيڻ تي 31 ارب 82 ڪروڙ روپين جي لاڳت ايندي جنهن مان 17 ارب 20 ڪروڙ روپين جي فنڊنگ فرانس جو ترقياتي ادارو ڪندو
اجلاس ۾ اين ٽي ڊي سي سسٽم ۾ بهتري جي لاءِ 400 ۽ 220 ڪي وي جي منصوبي جي منظوري به ڏني وئي اين ٽي ڊي سي سسٽم ۾ بهتري تي 15 ارب روپين کان وڌيڪ لاڳت ايندي منصوبي جي لاءِ 8 ارب 92 ڪروڙ روپيه ايشين ڊوالپمينٽ بينڪ فراهم ڪندو ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب منصوبي سان رحيم يار خان فيصل آباد ملتان شيخوپوره دادو ۽ ڪشمور جي صارفين کي فائدو ٿيندو بجلي جي طلب پوري ٿيڻ سان گڏ لائن لاسز ۾ به گهٽتائي ايندي پڌر نامي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وهاڙي ۾ 220 ڪي وي سب اسٽيشن کي 500 ڪي وي تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي سب اسٽيشن جي اپ گريڊيشن تي 17 ارب روپين کان وڌيڪ لاڳت ايندي ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرنامي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڪنڪ اجلاس ۾ چشمه رائٽ بينڪ ڪئنال منصوبي جي تعميري جي منظوري به ڏني وئي منصوبي تي 189 ارب 60 ڪروڙ روپيه خرچ ٿيندا وفاقي حڪومت 65 سيڪڙو جڏهن ته خيبرپختونخواهه حڪومت 35 سيڪڙو فنڊ جو انتظام ڪندي ايڪنڪ اجلاس ۾ 43 ارب 80 ڪروڙ جي لاڳت جي نولانگ ملٽي تي ڊيم جي به منظوري ڏني وئي ضلعي جهل مگسي ۾ 186 فٽ ڊگهو ۽ 2986 فٽ ويڪرو ڊيم تعمير ڪيو ويندو منصوبي سان ٻوڏ جي روڪٿام غربت ۾ گهٽتائي ۽ سماجي ترقي ۾ اضافو ٿيندو ان کان علاوه اجلاس ۾ ايڇ اي سي افغان شاگردن جي لاءِ علامه اقبال اسڪالر شپ منصوبي جي به منظوري ڏني افغان طالبان کي 4500 اسڪالر شپ جا ڏنا ويندا جنهن تي 12 ارب 70 ڪروڙ روپين جي لاڳت ايندي پڌر نامي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي شاهراهه اين 25 ڪراچي ڪوئٽه چمن روڊ کي ٻن طرفن تي ڪرڻ جو منصوبو آهي اين 25 ٻطرفو روڊ ڪرڻ تي 74 ارب 71 ڪروڙ روپيه لاڳت ايندي منصوبي تحت ڪراچي کان خضدار روڊ کي ٻطرفو ٺاهيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو