دوحا : جوبائيڊن انتظاميه جي اعليٰ عهديدارن قطر ۾ اهم افغان طالبان اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي آمريڪي ميڊيا جي ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته القاعده جي سربراهه ايمن الظواهري جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اعليٰ آمريڪي اختيارين طالبان سان پهرين ملاقات ڪئي آهي آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته جوبائيڊن انتظاميه جي اعليٰ اختيارين طالبان وفد سان قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ ملاقات ڪئي ميڊيا رپورٽ موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر سي آءِ ۽ آمريڪي پرڏيهي وزارت جي اختيارين طالبان وفد سان دوحا ۾ ملاقات ڪئي طالبان حڪومت جي انٽيليجنس سربراهه عبدالحق واثق به ملاقات ۾ شريڪ هو آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي اختيارين ۽ طالبان وفد جي ملاقات ڇنڇر ڏينهن دوحا ۾ ٿي ياد رهي ته گذريل ڏينهن افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد هڪ بيان ۾ چيو هو ته آمريڪا کي موجوده افغان حڪومت سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن افغانستان ۾ طاقت جو استعمال ڪامياب ناهي رهيو ذبيح الله مجاهد چيو ته آمريڪا خطي ۾ پنهنجن مفادن جي لاءِ استحڪام چاهي ٿو ته افغان حڪومت سان مثبت لاڳاپا ٺاهڻ گهرجن
