ڪراچي : پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڊاڪٽر عاصم حسين پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ چيو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت ۾ نمايان بهتري اچي رهي آهي هن لکيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صحت ۾ بهتري اچي رهي آهي هو هڪ ٻن ڏينهن دوران اسپتال کان گهر منتقل ٿي ويندو گذريل ڏينهن ڊاڪٽر عاصم سوشل ميڊيا تي بيان ڏنو هو ته آصف علي زرداري جي طبيعت ۾ وڌيڪ بهتري اچي رهي آهي اڳوڻي صدر جي نظام تنفس جي فزيو ٿراپي ڪئي پئي وڃي ياد رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب 27 سيپٽمبر تي کيس ڪلفٽن جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو ۽ اتي ان جي ڦڦڙن جو پروسيجر ڪيو ويو هو اڳوڻو صدر هڪ مهيني کان بيمار آهي جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي سربراهي ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جو بورڊ اڳوڻي صدر جو معائنو ڪري رهيو آهي ٻئي طرف پرڏيهي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته في الحال آصف زرداري کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي ضرورت نه آهي
