مون کان انتقام وٺڻ لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو ويو عمران خان جي دور ۾ هر شيءَ مهانگي ٿي: نوازشريف

لنڊن : مسلم ليگ ن جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان جي پنهنجي غيرت آهي جنهن تي ڪوبه سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي مون کان انتقام وٺڻ لاءِ ملڪ کي نقصان پهچايو ويو اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مون کان انتقام وٺڻ جي باهه ۾ اوهان سموري پاڪستان کي ويهاري ڇڏيو عمران خان جي دور ۾ هر شيءَ مهانگي ٿي جڏهن ته منهنجي دور ۾ عوام سڪون ۾ هئي
هن چيو ته مون کي 5 ارب ڊالر پيش ڪيا ويا هئا پر مون انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته پاڪستان جي پنهنجي غيرت آهي جنهن تي ڪوبه سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي نوازشريف چيو ته ڪنهن اوهان کي پاڪستان کان انتقام وٺڻ جي لاءِ چيو پاڪستان ۾ لهندي ئي اسان سان جيڪو حال ڪيو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي بهادر ڌيءَ جيان مريم نواز پيءُ جو ساٿ ڏنو جنهن تي مون کي فخر آهي رب پاڪ جو شڪر آهي ته اڄ مريم نواز مون سان گڏ آهي نوازشريف چيو ته منهنجي والده مون سان تمام گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ راولپنڊي جيل ۾ هفتي ۾ هڪ ڀيرو اچي ملندي هئي ۽ چوندي هئي ته مان توکي ڇڏي واپس نه ويندس مان کيس چوندو هئس ته ائين نٿو ٿي سگهي ته چوندي هئي ته پوءِ مون کي به هتي رهڻ ڏي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف کي هميشه اها گلا رهندي هئي ته والده اوهان سان گهڻو پيار ڪري ٿي

پنھنجي راءِ لکو