چورن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي عمران خان جلد لانگ مارچ جو فيصلو ڪري: شيخ رشيد

راولپنڊي : اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان جيترو جلد لانگ مارچ جو سڏ ڏيندو اوترو جلد سندس حق ۾ فيصلو ٿيندو اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قوم عمران خان جي لانگ مارچ جو انتظار ڪري رهي آهي ڇو ته چور ۽ ڦورن غريبن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ته پاڪستان هن وقت مسائلستان بڻجي ويو آهي هن چيو ته اسان جو ڪنهن سان به جهيڙو ناهي، جڏهن ڊيل ٿيندي آهي ته چور وزيراعظم جي جهاز ۾ واپس ايندا آهن ماڻهن جي مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو، چورن ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي غريبن جا چلها وسامي ويا آهن شيخ رشيد احمد چيو ته عمران خان جيترو جلد سڏ ڏيندو اوترو ئي تڪڙو سندس حق ۾ فيصلو ٿيندو هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪنٽينر لڳائي ڇا ڪري رهي آهي چوندن ۾ دير ڪري هي ڇا ڪندا نوازشريف کي به واپس وٺي اچو ماڻهو ته وزيراعظم جي جهاز ۾ اچي رهيا آهن اڳوڻي گهرو وزير چيو ته اسان جي فوج ۽ ادارا عظيم آهن جڏهن ته ادارن کان درخواست آهي ته ان ماڻهن کي ويهاريو ۽ چونڊن جو وقت ڏيو جيڪڏهن راڻا ثناءُالله ماڻهن تي ڊرون حملو ڪيو ته ڪنهن به شيءَ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون هن چيو ته نيب ڪيس ۾ 24 تاريخ تي پيش ٿيندس جڏهن چونڊن جي ڳالهه ٿيندي ته تحريڪ انصاف جون سمورن صوبن ۾ حڪومتون ٽوڙيون وينديون وقت اچڻ تي هنن 13 پارٽين کي خبر پئجي ويندي ان کان اڳ شيخ رشيد احمد سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي لکيو ته آخري نبي محمد مصطفيٰﷺ جي ولادت قوم کي مبارڪ هجي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو عدم استحڪام هوندو جيڪو اڄ آهي ته وزير اغوا ڪيا پيا وڃن هن چيو ته ڪراچي ۾ ماڻهو روڊن تي پاڻ فيصلا ڪري رهيا آهن جڏهن ته بک ۽ بيروزگاري ڪنهن جي به سڏ جو انتظار نه ڪندي آهي شيخ رشيد احمد چيو ته 15 نومبر تائين اڄ يا ڪڏهن نه آر پار ٿي ويندو

پنھنجي راءِ لکو