پي ٽي آءِ چيئرمين نيب آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين توشه خانه ڪيس جي جاچ سلسلي ۾ قومي احتساب بيورو(نيب) آڏو پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ورتي آهي عمران خان چيو آهي ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري لاهور کان اسلام آباد جو سفر گهٽ ڪندو آهيان جنهن سبب انڪوائري رپورٽ وٺڻ اڄ نيب آفيس نٿو اچي سگهان 19 جولاءِ تي مختلف عدالتن ۾ پيش ٿيڻ اسلام آباد ايندس ان لاءِ توشه خانه بابت جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي تاريخ 19 جولاءِ مقرر ڪئي وڃي لکت واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته نيب آرڊيننس موجب انڪوائري رپورٽ جوابدار طرفان وصول ڪرڻ ضروري نه آهي منهنجي وڪيل گوهر علي خان کي انڪوائري رپورٽ وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس جي رپورٽ به منهنجي وڪيل نيب کان ورتي هئي جيڪا مان ڇڏي آيو هئس ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف چيئرمين خاف توشه خانه انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. نيب گواهن جي بيانن ۽ شاهدين جي روشني ۾ انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي نيب راولپنڊي طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اڄ 17 جولاءِ تي طلبي جو نوٽيس اماڻيو ويو آهي. جنهن ۾ کيس 10 وڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي