ڪراچي: لياري واري علائقي گلستان ڪالوني ۾ وڏي ڀاءُ ۽ ڀائٽين وحشياڻي تشدد بعد پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو سي سي ٽي وي ۾ پوليس اهلڪار اسماعيل کي وڏو ڀاءُ ۽ ڀائٽيا سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي نظر اچن ٿا. تشدد بعد مقتول اسماعيل کي سندس ڀائيٽي ڪاشف گوليون هنيون مقتول کي گوليون هڻڻ بعد سندس مٿي تي ڏنڊن ۽ سرين جا وار به ڪيا ويا. جوابدارن فرار ٿيڻ کان اڳ پوليس اهلڪار جي گاڏيءَ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو پوليس موجب فائرنگ جو واقعو جهيڙي دوران پيش آيو، مقتول کي سندس ڀاءُ گل زمين ۽ ان جي 4 پٽن ملي قتل ڪيو جهيڙو ملڪيت جي تڪرار تان پيش آيو آهي جنهن کان پوءِ جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا