اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد قيصر جي 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي 10 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي اسد قيصر جي صوابي ۾ اينٽي ڪرپشن ۾ داخل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري اسد قيصر جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد قيصر کي 10 ڏينهن اندر لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي عدالت قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي 50 هزار روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ سان گڏ ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ ۽ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو آهي عدالت ايني ڪرپشن کي 10 ڏينهن تائين اسد قيصر کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي