گال ٽيسٽ جو ٻيون ڏينهن: سريلنڪا جي سموري ٽيم 312 رنسن تي آئوٽ

گال: پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏندڙ گال ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن سريلنڪا جي ٽيم 212 رنسن تي آئوت ٿي وئي ٻئي ڏينهن راند جي شروعات سريلنڪا 6 وڪيٽن جي نقصان تي 242 رنسن کان ڪيو پر راند جي ٻئي ڏينهن به سريلنڪن رانديگر پاڪستاني بالرز جي اڳيان سٺي اننگز کيڏڻ ۾ ناڪام رهيا سريلنڪا طرفان ٻئي ڏينهن راند جي شروعات دهننجيا ڊي سلوا ۽ رميش مينڊس ڪيو پر رميش مينڊس 40 بالن تي 5 رنسون ٺاهي ابرار احمد جو شڪار ٿي ويو جنهن کان پوءِ فاسٽ بالر نسيم شاهه دهننجيا ڊي سلوا کي 122 رنسون جڏهن ته رمش مينڊس کي صرف 4 رنسن سان پويلين اماڻي ڇڏيو. دهننجيا ڊي سلوا 214 بالن تي 122 رنسن جي اننگز کيڏي ڪوسن رجيتها به صرف 8 رنسن تي ابرار احمد جي بال تي عبدالله شيخ کي ڪيچ ڏئي ويٺو. پهريز اننگر ۾ سريلنڪن ٽيم 312 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهي