انٽر بئنڪ : ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن به آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي.انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر هڪ رپيو 66 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 286 رپين 81 پئسن جو ٿي ويو.اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر 50 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 291 رپين جو ٿي ويو.اوپن مارڪيٽ ۾ هلندڙ هفتي ڊالر 7 رپيا، جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ 9 رپيا 22 پئسا مهانگو ٿيو آهي.