اسلام آباد : ۾ قلم 144 جي قانون خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ شهر ۾ قلم 144 جي قانون خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوط ڪري ورتو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله نيازي ۽ اسد عمر جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت ٻڌڻي هيٺ ڪيسز سان گڏ درخواست کي جوڙڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي اسد عمر عدالت کي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ 2 مهينن جي لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو جيڪو قانون جي خلاف آهي ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪهڙي طرح متاثر ٿيا آهيو اوهان کي ڪهڙي ڳالهه کان روڪيو ويو آهي ان تي تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اسان اهڙي صورتحال ۾ ريلي نٿا ڪڍي سگهون جسٽس اطهر من الله چيو ته احتجاج يا ريلي ڪڍڻ جو طريقو هوندو آهي جنهن جي لاءِ اجازت وٺڻي پوندي آهي ڌرڻي واري ڪيس جو هڪ ٻيو فيصلو به موجود آهي اوهان اهو پڙهيو آهي هن پارٽي جي ٻن صوبن ۾ به حڪومت آهي ڇا اتي ڪڏهن قلم 144 لاڳو ناهي ڪيو ويو امن امان جو معاملو ايگزيڪٽو کي ڏسڻو هوندو آهي جنهن ۾ عدالت ڪڏهن به مداخلت نٿي ڪري سگهي اسد عمر جي وڪيل چيو ته هي هڪ سياسي پارٽي جي نه اڳوڻي ايم اين اي جي درخواست آهي ان تي جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر جي درخواست ناهي پر پٽيشنر هن وقت به قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي جيستائين استعيفيٰ منظور نٿي ٿئي تيستائين هو اسيمبلي جو ميمبر رهندو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ هن پارٽي جون حڪومتون آهن اوهان پهريان انهن صوبن ۾ وڃي اهو قانون اسيمبلين مان ختم ڪرايو صوبائي اسيمبلين مان قانون ختم ڪرائي پوءِ هتي اچو جنهن کان پوءِ عدالت شهر ۾ قلم 144 جي قانون خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

پنھنجي راءِ لکو