ڪنڌ ڪوٽ لڳ مين انڊس ھاء وي رو ڌ تي احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ : ڪشمور ضلعو بدامني جي لپيٽ ۾ اغوا ڦرون ڌاڙا چوريون قتل و غارت عام بڻيل پوليس انتظاميا ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل نظر پئي اچي عوام پاڻ کي غير محفوظ سمجھڻ لڳو سياسي اڳواڻ به چپ جو روزو رکي آرامي بڻيل عوام پنھنجي پيارن جي بازيابي لاء سراپا احتجاج بڻيل ـ ھفتو اڳ گبلو ٿاڻي جي حد ۾ پورھيت علي مراد عرف گورو گولو جي لاء پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو وارثن ڪنڌ ڪوٽ لڳ مين انڊس ھاء وي کي پي پي ايل گئس فيلڊ سامھون بند ڪري ٽائر ساڙي مغوي جي بازيابي لاء سخت نعري بازي ڪئي ان سلسلي ۾ مغوي جي وارثن شوڪت علي گولو، مشتاق گولو مظفر گولو ، مقدم وزير علي گولو، حافظ حميد گولو عبدالنبي گولو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي مغوي کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي اغوا ڪندڙ اسان کان پنجاھ لک ڀنگ طلب ڪن ٿا اسين ڪٿان آڻيون ھنن چيو ته رڳو گولا برادري سان ناجائزيون ٿين پيون اسين شريف آھيون ان لاء ادان کي ھيسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي پوليس رڳو دلاسا ڏيڻ ۾ پوري آھي اڄ اسين مجبور ٿي روڊ بلاڪ ڪيو آھي جيڪو مغوي جي بازيابي تائين نه کوليو ويندو جڏھن ته ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي ۽ مسافر سخت پريشان رھيا

پنھنجي راءِ لکو