ٿرپارڪر : وزيراعظم شهباز شريف ٿر ڪول بجلي گهر منصوبي جي ٻئي مرحلي جو افتتاح ڪري ڇڏيو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه به تقريب ۾ شريڪ هئا وزيراعظم شهباز شريف ٿر جي هڪ ڏينهن واري ياترا تي اسلام ڪوٽ جي شهيد مائي بختاور ايئرپورٽ پهتو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين وزيراعظم جي آجيان ڪئي ٿر ڪول منصوبي فيز ٽو جي مڪمل ٿيڻ تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٿر ڪول بلاڪ 2 سنڌ اينگرو ڪول مائنر ڪمپني کي واڌ ڏيڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو پاور پروجيڪٽ ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت وڌي 2640 ميگاواٽ ٿي ويندي وزيراعظم چيو ته ٿر ۾ ڪجهه وقت اڳ زندگي گذارڻ جا آثار به نه هئا اڄ هتي بجلي جي پيداوار ٿي رهي آهي هتي بهترين معيار جا بوائلر ۽ پلانٽ آهن هتي آلودگي ناهي مون هتي عورت ٽرڪ ڊرائيورز سان ملاقاتون ڪيون آهن هتي هزارين ماڻهن کي روزگار ملي رهيو آهي شهباز شريف چيو ته ايندڙ سال تائين ٿر جي ڪوئلي مان ملڪي معيشت ۾ اضافو ٿيندو وزيراعظم چيو ته ٿر ۾ 175 بلين ٽن ڪوئلو آهي جنهن مان اسان گئس به ٺاهي سگهون ٿا. تيل جون قيمتون هيٺ مٿي ٿينديون آهن ٿر ڪول کي تيل ۽ ڊيزل ۾ تبديل ڪيو وڃي شاهد خاقان مصدق احسن فواد حسن فواد ملي ان بابت پاليسي ٺاهي شهباز شريف چيو ته ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ اجلاس طلب ڪندس جنهن ۾ بجلي گئس ۽ ٻين منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪنداسين گئس اسان جي پهچ کان ٻاهر آهي اڃان تائين ان جو انتظام ناهي ٿي سگهيو. 6 مهينن دوران 24 ارب ڊالر توانائي تي خرچ ڪري چڪا آهيون ڪوئلي جي روهاست لاءِ اسان سڀني کي ملي ريلوي جي نظام کي به بهتر ڪرڻو پوندو وزيراعظم وڌيڪ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ڪجهه ڪلاڪن ۾ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي 10 روپيه يونٽ هوندي ٿر ڪول اسان جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي ٿر ڪول پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاران پنهنجين مصروفيتن مان وقت ڪڍي نئين مرحلي جو افتتاح ڪرڻ تي سندن ٿورائتا آهيون پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته سموري پاڪستان ۾ ساڳئي ماڊل کي استعمال ڪندي ڪيئن فائدو کڻي سگهون ٿا جڏهن مان پاڪستان آيس ٽي وي تي ٿر جي باري ۾ ٻڌايو ويندو هو ته هتي تمام گهڻي غربت آهي جڏهن کان ٿر ڪول جو منصوبو شروع ٿيو تڏهن کان اسان مائننگ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ هتي جي ماڻهن کي روزگار ڏنو بلاول ڀٽو چيوته اينگرو سان گڏ پهريون پاور پلانٽ اڄ ٻيون ۽ انشاءَالله ٽيون پلانٽ به شروع ڪنداسين جڏهن حڪومت ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ملي ڪم ڪندا آهن ته ڀرپاسي جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو آهي پرڏيهي وزير چيو ته اسان ريگستان مان ڪوئلو ڪڍي رهيا آهيون ۽ ان مان بجلي فراهم ڪري رهيا آهيون صوبائي حڪومت ذميواري پوري ڪئي وفاقي اسان جي مدد ڪئي اسان چاهيون ٿا ته وزيراعظم شهباز شريف تڪڙو ڪم ڪري بلاول ڀٽو چيو ته اسان قدرتي آفتن کي منهن ڏنو اسان کي معيشت کي بچائنو آهي ترقي جو نئون سلسلو شروع ڪرڻو پوندو انفرااسٽرڪچر تي اسان کي وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوندو ٻوڏ سبب زرعي ۽ ايريگيشن جي انفرااسٽرڪچر کي نقصان ٿيو آهي خواهش آهي ته پرائيويٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ سان ڪم ڪريون شهباز شريف وڏو وزير رهيو آهي ۽ هاڻ هو وزيراعظم آهي کيس خبر هوندي ته بيورو ڪريسي ڪم ۾ ڪيئن رنڊڪ بڻجندي آهي وفاقي وزير چيو ته ايندڙ سال ڪڻڪ جي فصل لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه کي ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن مون کي پورو ڀروسو آهي ته اسان ٻوڏ متاثرين کي گهر تيار ڪري ڏينداسين
