اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ جي استدعا ڪنداسين تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آڊيو ليڪس قومي سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي آڊيو ليڪس وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جي سيڪيورٽي تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي بحيثيت وزيراعظم منهنجي رهائشگاهه تي منهنجي محفوظ ٽيليفون لائن به بگ ٿي وئي
عمران خان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي ڏنل پيغام ۾ اعلان ڪيو آهي ته آڊيو ليڪس جي سچائي کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ عدالت وڃڻ جو ارادو رکان ٿو هن چيو ته عدالت کان جي آءِ ٽي جوڙڻ جي استدعا ڪنداسين هن چيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ سان آڊيو ليڪس تي جاچ ڪري سگهبي جي آءِ ٽي جوڙڻ سان خبر پئجي ويندي ته ڪير آڊيو ليڪ ڪري رهيو آهي هن چيو ته حساس معاملي کي غيرقانوني طور تي رڪارڊ ۽ بعد ۾ هيڪ ڪيو ويو آڊيو ليڪس سان پاڪستان جي قومي سلامتي جي رازداري عالمي سطح تي سامهون اچي وئي آهي
