سپريم ڪورٽ توشه خانه ڪيس جون اپيلون اڪلائي ڇڏيون، فيصلي کان اڳ توشه خانه ڪيس بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي بئنچ تبديل ڪئي وئي هئي سپريم ڪورٽ اپيلون اڪلائيندي فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو ته ٽرائل ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي حتمي فيصلي تائين توشه خانه ڪيس جو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي، ان کان اڳ سپريم ڪورٽ هجي بئنچ ۾ تبديلي ڪندي جسٽس مظاهر علي اڪبر جي جاءِ تي جسٽس اظهر حسن رضوي کي بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو هو جسٽس يحيٰ آفريديءَ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي، نئين بئنچ ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل، پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل عدالت کي توشه خانه ڪيس بابت هاءِ ڪورٽ جي ٻڌڻي کان آگاهه ڪندا.