ڪراچي : نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي پاڪستان پهچي وئي ملالا يوسفزئي پنهنجي والدين سان گڏ قطر ايئرلائين جي اڏام 604ذريعي ڪراچي پهتي ملالا يوسفزئي کي پوليس طرفان مڪمل سيڪيورٽي ڏني وئي آهي هو ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جو دورو ڪندي ملالا يوسفزئي کي سخت سيڪيورٽي ۾ جناح ٽرمينل کان سندس رهائشگاهه تي پهچايو ويو هو اڄ ڪراچي ۾ ترسندي ۽ سڀاڻي ٻوڏ متاثر علائقي دادو جو دورو ڪندي جڏهن ته ان موقعي تي سنڌ حڪومت جا عهديدار به ساڻس گڏ هوندا
