بلوچستان : پوليس جي جوانن ڪڏهن به قرباني کان دریغ نه ڪيو

وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته بلوچستان پوليس جي جوانن فرض جي راهه ۾ قرباني ڏيڻ کان ڪڏهن به دریغ نه ڪيو ميڊيا موجب وڏي وزير جو چوڻ هو ته هو بلوچستان پوليس جي شهيدن جي خاندانن کي سلام پيش ڪري ٿو، پوليس آفيسر ۽ اهلڪار صوبي جا تاج ۽ قوم جا هيرو آهن بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته مان شهيدن جي خاندانن کي يقين ڏيان ٿو ته اسان سڀ ساڻن گڏ آهيون، شهيدن جي قربانين جي نتيجي ۾ ملڪ ۽ صوبي ۾ دیرپا امن قائم ٿيندو ان حوالي سان بلوچستان جي گهرو وزير ضياءَ لانگو ڳالهائيندي چيو ته فرض جي راهه ۾ جان قربان ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو ضياءَ لانگو موجب بلوچستان پوليس جي هڪ هزار کان وڌيڪ شهيدن پنهنجي ڊيوٽي دوران جانين جو نذرانو ڏنو بلوچستان جي گهرو وزير چيو ته هن هميشه شهيدن جي خاندانن جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون آهن.