توشه خانه ڪيس ٻئي عدالت منتقل ڪرڻ واري پي ٽي آءِ جي درخواست رد

اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي توشه خانه ڪيس ٻئي عدالت منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق توشه خانه ڪيس بابت داخل 8 اپيلن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ توشه خانه فوجداري ڪاروائي جو ڪيس ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ جو سيشن ڪورٽ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويوچيف جسٽس عامر فاروق چيو ته سيشن ڪورٽ ڌرين کي ٻيهر ٻڌي ڪيس جي ٻڌڻ جوڳو هئڻ جو فيصلو ڪري.