ڪنڌ ڪوٽ : ضلعي جون يوٽيلٽي اسٽور غريب عوام لاء بند من پسند دڪاندارن کي رشوت عيوض اٽو گيھ

ڪنڌ ڪوٽ : ضلعي جون يوٽيلٽي اسٽور غريب عوام لاء بند من پسند دڪاندارن کي رشوت عيوض اٽو گيھ ۽ ٻيو قيمتي سامان سري عام وڪرو ٿيڻ لڳو عوام اٽي لپ لاء سڄو ڏينھن شھرن ۾ قائم مختلف يوٽيلٽي اسٽورن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور انتظاميا سڄي معاملي کان باخبر ھئڻ باوجود اڻڄاڻ بڻيل ضلع ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ قائم يوٽيلٽي اسٽور تي قيمتي شيون جيڪي غريبن کي ڏيڻ بجاء مند پسند ۽ بااثرن جي دڪاندارن کي ملڻ لڳو ڪنڌ ڪوٽ سميت ضلعي جي غريب عوام ڌڪا کائڻ تي مجبور ـ صحافين پاران يوٽيلٽي ملازمن سان رابطو ڪرڻ باوجود ڪنھن به رابطو ڪرڻ مناسب نه سمجھيو ان سلسلي ۾ غريب پورھيتن غريب آباد ء گليشير محلي جا پورھيت زوار حسين شيخ نظير احمد شيخ صادق چاچڙ نصير احمد شيخ اصغر علي شيخ قمبر علي شيخ شھباز علي شيخ سردار شيخ سميت ٻين چيو اسان ٻھراڙي کان صبح جو سويل پنھنجي يوسي ۾ قائم يوٽيلٽي اسٽورن سميت شھر جي مختلف اسٽورن تي وڃون ٿا پر اسان کي رڳو ڌڪا نصيب ٿين ٿا ھنن چيوته اڪثر يوٽيلٽي اسٽور تي بااثر ذاتين جا ماڻھون مقرر ٿيل آھن جيڪي وڏن سياسي ماڻھن جا داٻا ڏئي اسان کي خوف زدا ڪن ٿا اسين مسڪين آھيون مھانگائي سبب عام دڪان تان اٽو گيھ سميت ٻيون شيون وٺي نٿا سگھون پر يوٽيلٽي جي ملازمن اسان کا اھو حق به رشوت عيوض کسي ورتو آھي اسين سنڌ سميت وفاق جي اعلي اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا يوٽليٽي اسٽور جي ڪرپٽ ملازمن خلاف ايڪشن وٺي اسان کي رليف ڏنو وڃي