پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري تي مختصر تبصرو ڪيو آهي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان کي مڪافات عمل قرار ڏنو آهي ٻئي پاسي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هڪ چور جي گرفتاري تي سياسي انتقام جو بيانيو گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اِهو چور پڪڙيو ويو آهي جيڪو 15 مهينن کان ڀڄي رهيو هو.