ن ليگ ۽ پ پ وارا هاڻ ڪهڙو منهن کڻي جمهوريت جا ڀاشڻ ڏيندا؟ مصطفيٰ نواز کوکر

اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ن ليگ ۽ پ پ وارا هاڻ ڪهڙو منهن کڻي جمهوريت جا ڀاشڻ ڏيندا پنهنجي بيان ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو آدمشماري نوٽيفاءِ ڪرڻ جو فيصلو بدنيتي آهي هن چيو ته ڄاڻو ٿا ته ان جي نتيجي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جو جواز پيدا ٿيندو اڳوڻي سينيٽر ٻنهي پارٽين تي تنقيد ڪندي وڌيڪ چيو ته ڦاهيون، جيل، تڪليفون ان ڪري هيون جو اوهان اسٽيبلشمنٽ سان چنهنبون ملائي آئين پامالي ۾ حصيدار بڻيئو ياد رهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل نئين آدمشماري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.