توشه خانه ڪيس ۾ گرفتاري کان پوءِ عمران خان پهرين رات اٽڪ جيل ۾ گذاري

پاڪستان :تحريڪ جي چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ 3 سال قيد جي سزا جي کان پوءِ پهرين رات اٽڪ جيل ۾ گذاري گذريل ڏينهن اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڳالهايو. توشه خانه کان ملندڙ تحفن جي غلط ڄاڻ ڏني. جيڪا بعد ۾ غلط ثابت به ٿي وئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي بدنيتي ڪنهن به شڪ کان سواءِ ظاهر ٿي وئي آهي. سندس خلاف سموريون شاهديون موجود آهن اسلام آباد جي سيشن عدالت جي فيصلي کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي لاهور مان سندس زمان پارڪ واري رهائشگاهه تان گرفتار ڪري اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو هو جتي هن پهرين رات جيل ۾ گذاري ان سلسلي ۾ جيل انتظاميا جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو طبي معائنو ڪرايو ويو، کيس جيل مينوئل تحت سهولتون ڏنيون ويون آهن. اٽڪ جيل منتقل ڪرڻ کان پوءِ عمران خان جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي. جيل ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل، جڏهن ته ڊي پي او اٽڪ موجب علائقي کي ريڊ زون قرار ڏنو ويو آهي.