اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان گهرو وزارت طرفان 90 ڏينهن جي لاءِ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي استدعا کي رد ڪندي چيو آهي ته مڪاني چونڊون معمول موجب ٿينديون ياد رهي ته گهرو وزارت طرفان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط اماڻيو ويو هو جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ننڍيون چونڊون 90 ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيون وڃن ڇو ته هڪ سياسي پارٽي اسلام آباد تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ اچي رهي آهي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو اجلاس دوران مڪاني چونڊن جي باري ۾ سيڪيورٽي خدشن کان آگاهه ڪيو ويو اجلاس دوران سيڪريٽري دفاع پڻ شرڪت ڪئي اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته مڪاني چونڊون مقرر وقت تي ڪرايون وڃن اين اي 45 ڪرم ۾ امن امان جي حالتن سبب چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اليڪشن ڪميشن موجب ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب ٿينديون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ مڪاني چونڊون 16 آڪٽوبر تي ڪرايون وينديون ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون اعلانيل تاريخ 23 آڪٽوبر تي ٿينديون
