ڪنڌڪوٽ: ڀرسان دراني مھر پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ سندراڻي

ڪنڌڪوٽ ڀرسان دراني مھر پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ سندراڻي ۽ ڪارڙا چاچڙ ڌرين وچ ۾ مال جي ڀيل تان جھيڙو ٿي پيو۔ جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا۔ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نوجوان عبدالحميدچاچڙ ۽ عبدالجبار سندراڻي سميت گوليون لڳڻ سبب ٽي ڄڻه سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڪچي مان سندس وارث کڻائي ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال ۾ آندو جتي کين ابتدائي طبي امداد ڏيئي گھر روانو ڪيو ويو۔ آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي جڏھين ته ڌريون مورچه بند ٿيل آھن جڏهن ته ھڪ چاچڙ برادري جي نوجوان جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري سکر منتقل ڪيو ويو آهي