وفاقي حڪومت : ميپيا ۽ روزويلٽ هوٽل جي نجڪاري جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب ناڻي واري وفاقي وزارت موجب نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي روزويلٽ هوٽل جي نجڪاري لاءِ مالياتي صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جي سفارش تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن لميٽيڊ کي به نجڪاري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ياد رهي ته پي آءِ اي جو ڪل خسارو ۽ قرض 742 ارب تائين پهچي ويو آهي، 350 ارب ضمانتي قرض ۽ 400 ارب ايئر لائنز اثاثا قرض طور ورتا ويا. قومي ايئر لائن جي اثاثن جي ماليت 130 ارب رپيا آهي ۽ مالي خسارو هلندڙ سال جي آخر تائين 850 ارب تائين پهچڻ جو امڪان آهي موجوده حڪومت جي اڍائي سالن ۾ پي آءِ اي جا 110 خسارا. گذريل سال 2022ع ۾ پي آءِ اي جو ڪُل خسارو 80 ارب هو، جڏهن ته هن سال وڌيڪ وڌڻ کانپوءِ 112 ارب ٿيڻ جو امڪان آهي. 2030ع تائين پي آءِ اي جو ساليانو خسارو 259 ارب رپين تائين پهچي ويندو، برطانيا-يورپ پروازن تي پابندي سبب قومي ايئرلائن جو مجموعي نقصان 215 ارب تائين پهچي ويو آهي.