ڪراچي: ۾ ناردرن باءِ پاس وٽ ٽريفڪ حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا پوليس ذريعن موجب ٽريفڪ حادثو ناردرن باءِ پاس تي ايم ڊي ڪراسنگ ڀرسان پيش آيو، جتي هڪ ڪوسٽر ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيو پوليس ٻڌايو ته ڪوسٽر ۾ موجود ماڻهو پڪنڪ تي فارم هائوس وڃي رهيا هئا، حادثو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو پوليس موجب فوتين مان رڳو هڪ جي سڃاڻپ 70 ورهين جي سلطان اڪبر طور ٿي آهي، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته هيل تائين 18 زخمين کي اسپتال آندو ويو آهي ۽ ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.