ملڪ : ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ اڄ گهٽتائي ٿي آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 1100 رپيا سستو ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت 2 لک 21 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قدر ۾ به 943 رپين جي وڏي گهٽتائي ٿي آهي ۽ 10 گرام سون 1 لک 90 هزار 72 رپين جو ٿي ويو آهي هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 1940 ڊالر في اونس آهي.
