اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ ۾ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جي سزا خلاف اپيل داخل ڪئي وئي

توشه خانه ڪيس : ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي. مرڪزي اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سزا معطل ڪندي عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان بئريسٽر گوهر علي ۽ خواجا حارث اپيلون داخل ڪيون، ان کان اڳ توشه خاني ڪيس جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، درخواست ۾ ايڊووڪيٽ لاهور هاءِ ڪورٽ صائمه صفدر درخواست داخل ڪئي هئي. توشه خاني ڪيس جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته توشه خاني ڪيس جي ٽرائل ٻيهر شروع ڪئي وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪيس جي فيئر ٽرائل جو حق ناهي ڏنو ويو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته توشه خاني ڪيس جو فيصلو جلدبازي ۾ ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين سزا معطل ڪئي وڃي، درخواست آئين جي آرٽيڪل 1842 تحت داخل ڪئي وئي آهي، واضح رهي ته اسلام آباد توشه خاني ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن بعد آباد جي سيشن ڪورٽ 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. توشه خاني ڪيس ۾ سيشن عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي جج همايون دلاور فيصلو ٻڌائيندي چيو ته توشه خاني ڪيس ۾ چيئرمين پي ٽي آءِ تي الزام ثابت ٿيا، مٿس ڪوڙا اثاثا ظاهر ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو، هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي 3 سال قيد جي سزا آهي، سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. اڳوڻي وزيراعظم تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي