خواجا آصف جو چوڻ آهي ته عمران خان کي سزا خلاف اپيل جو حق آهي تفصيل موجب بچاءَ واري وزير خواجا آصف آمريڪي ٽي وي سي اين اين کي انٽرويو ڏيندي چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان کي توشه خانه ڪيس ۾ ٻه ڀيرا اپيل ڪرڻ جو حق آهي، عمران خان هاءِ ڪورٽ ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪري سگهي ٿو اپيل اڳوڻي وزيراعظم کي مڪمل قانوني حق حاصل آهن، جيڪڏهن هو عدالتي فيصلي مان مطمئن نه ٿيو ته سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ نواز شريف کي جيل ويو ته کيس اپيل جو حق ناهي. سپريم ڪورٽ نواز شريف کي سزا ٻڌائي ۽ کيس اپيل جو حق به نه ڏنو، اهو ئي ڪجهه ٻين سياسي اڳواڻن سان ڪيو ويو خواجا آصف چيو ته جيڪڏهن عدالت عمران خان کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو ويندو، عدالتي فيصلي خلاف ڪا به مزاحمت نه ڪئي ويندي. اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ چونڊن بابت ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير چيو ته 9 آگسٽ جي شام تي اسيمبلي ٽوڙي ويندي، آئين موجب اسيمبلي ٽوڙڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ٿيڻ گهرجن 90 ڏينهن کان وڌيڪ، ڪو به آخري حد پار نه ٿو ڪري سگهي. خواجه آصف اهو به چيو ته ڪجهه حالتن ۾ اليڪشن ڪميشن کي اختيار آهن ته هو چونڊن جي تاريخ اڳتي وڌائي سگهي، اليڪشن ڪميشن هڪ يا 2 مهينا به دير ڪري سگهي ٿي پر ان کان اڳتي نه وڌي سگهي. ٻئي طرف گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته حفيظ شيخ سميت ٻين نالن تي صلاح مشورا جاري آهن، ڪو به نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي، آئين ۾ لکيل آهي ته 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جي بنياد تي ٻي چونڊ نه ٿي سگهي. چونڊون ملتوي نه ٿينديون، نگران حڪومت بروقت چونڊون يقيني بڻائيندي.