وزيراعظم محمد شهباز شريف پيشيوراڻي فرض ادا ڪندي جان وڃائڻ وارن صحافين لاءِ خصوصي فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت حادثي ۾ فوت ٿيندڙ صحافين جي وارثن کي 4-4 لک رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته وزيراعظم اهو اعلان ڪيو آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحافين لاءِ هيلٿ ڪارڊ پڻ جاري ڪيو ويو اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن صحافين، فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ، پاڪستان ڪوڊ، ڊجيٽل ريپوزٽري آف فيڊرل انوولنسي ايپ ۽ ويب سائيٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته قانون وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز پڻ موجود هئا وزيراعظم چيو ته بيماريون زندگي جو حصو آهن. صحت ڪارڊ جاري ٿيڻ تي سڀني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان تي انفارميشن سيڪريٽري مريم اورنگزيب ۽ ان جي ٽيم جو خاص ٿورائتو آهيان. هن هڪ وڏي ذميواري پوري ڪئي آهي. صحافت جي ميدان ۾ هي هڪ انقلابي قدم آهي. ڪم ڪندڙ صحافين کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ ڪيترن ئي چئلينجن ۽ خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو وفاقي قانون جي پاڪستان ڊجيٽل ريپوزٽري، موبائيل ايپ ۽ ويب سائيٽ شروع ڪرڻ تي قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون، جيڪي هاڻي قوم ۽ پوري دنيا کي قانونن تائين پهچ فراهم ڪنديون. سمورن قانونن ۽ آئيني شقن مان فوري مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سان صلاح مشوري سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته انهن صحافين لاءِ هڪ خاص فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي جيڪي فرض سرانجام ڏيڻ دوران جان وڃائي ويٺا آهن اهڙي حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن کي وزيراعظم جي فنڊ مان 40 لک رپيا ڏنا ويندا، جيتوڻيڪ اها رقم اڄ جي حالتن ۾ ايتري نه آهي پر اها شروعات آهي. اهو تڏهن وڌندو جڏهن پاڪستان وٽ وڌيڪ وسيلا هوندا. هن چيو ته جڏهن مان پنجاب جو وڏو وزير هئس ته جن پوليس اهلڪارن يا آفيسرن پنهنجون ذميواريون نڀائيندي جانون قربان ڪيون انهن کي پهريان 30 لک رپيا ڏنا ويا ۽ پوءِ ان کي وڌائي 5 ڪروڙ رپيا ڪيو ويو وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان خوشحال ٿيندو ته صحافين لاءِ به اهو فنڊ وڌايو ويندو. هن چيو ته صحافي پنهنجو فرض نڀائيندي محنت ڪن ٿا. مان 16 مهينا وزيراعظم رهيو آهيان. ان دوران مختلف ڪالم نگارن شايد ان تي تنقيد ڪئي هجي، پر مون اڄ تائين ان تي تنقيد نه ڪئي آهي. اها توهان جي ذميواري آهي، تنقيد حقيقتن تي ٻڌل هئڻ گهرجي، اها رهنمائي ۽ مدد ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن تنقيد حقيقتن جي خلاف آهي ته اها تحريف پيدا ڪري ٿي.