تازو ڀارتي رياست هريانا ۾ مذهبي فسادن جا واقعا پيش آيا آهن

ڀارت جي رياست هريانا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ جهيڙي جون خبرون اچي رهيون آهن. تازو تشدد گروگرام ضلعي ۾ آچر تي شروع ٿيو ۽ سومر جي صبح تائين جاري رهيو پوليس موجب ان دوران مشتعل هجوم مسلم علائقي ۾ هڪ مقبري کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ دڪانن ۾ ڦرلٽ ڪئي پوليس ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ 6 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي هريانا ۾ پرتشدد واقعن هندستان جي تصوير کي نقصان پهچايو گرگائون ۾ هندو مسلم فساد، مارجي ويلن جو انگ 7 ٿي ويو جهيڙن جو اهو سلسلو ان تشدد جو تسلسل آهي، جنهن ۾ گذريل هفتي گروگرام ۾ هڪ مسجد جي امام سميت ست ڄڻا مارجي ويا هئا، جڏهن ته مسلم اڪثريت واري علائقي ۾ خانگي ملڪيتن ۽ ڪاروبار کي تمام گهڻو نقصان پهتو هو جڏهن ته، هن تازي تڪرار ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي خبر ناهي. پاڻيپت ضلعي جي پوليس چيف ميانڪ مشرا سومر تي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڦرلٽ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن پر ڪو به مارجي ويو يا زخمي ناهي ٿيو هريانا جي هن ضلعي ۾ مذهبي ۽ نسلي فسادن جي تاريخ آهي. تازو فساد ان وقت آيا آهن جڏهن رياست جي مسلمان آبادي جي ڪجهه ميمبرن هندو قومپرست حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي طرفان انهن سان تعصب جو الزام لڳايو آهي جڏهن ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي هندستان جو شهر جتي ماڻهو هر پل زهر پيئڻ تي مجبور آهن گرو رام رحيم ريپ ڪيس، پرتشدد واقعن ۾ ڪيترائي مارجي ويا مسلمان برادري جو چوڻ آهي ته تازين فسادن سبب هو خوف ۾ آهن. ڪيترائي مسلمان گروگرام ڇڏي ويا آهن ۽ پنهنجن ڳوٺن ڏانهن ويا آهن يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڏي ويا آهن هن ضلعي جي مسلمانن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته سخت گير هندو قومپرست کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن گروگرام جي مقامي رهواسي اماتو سرڪار ANI نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن کيس ڌمڪيون ڏنيون آهن ته جيڪڏهن هو ٻاهر نه نڪتو ته سندس گهر کي باهه ڏئي ڇڏينداسين، ان ڪري هو علائقو ڇڏي رهيا آهن.