نادرا رڪارڊ ۾ ايم ڪيو ايم باني جي رجسٽرڊ نه هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ الطاف حسين جي سڃاڻپ ڪارڊ کي حاصل ڪرڻ جي درخواست تي گهرو ۽ پرڏيهي وزارت جي لاڳاپيل ڊائريڪٽرز کي اڌ ڪلاڪ ۾ عدالت جي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني متحده قومي موومينٽ جي باني الطاف حسين جي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي عدالت ٻڌڻي دوران گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت جي اختيارين پاران پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ٻڌڻي دوران نادرا جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته نادرا جي رڪارڊ ۾ الطاف حسين رجسٽرڊ ئي نه آهي الطاف حسين جو سڃاڻپ ڪارڊ نادرا جي قيام کان اڳ جو ٿي سگهي ٿو جسٽس محسن اختر ڪياني سوال ڪيو ته گهرو وزارت مان ڪير آيو آهي پيش ٿي بنيادي ڳالهه ته ڪريو هڪ شخص پاور آف اٽارني رجسٽرڊ ڪرائڻ چاهي ٿو جڏهن ته سفارتخانو ان کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي عدالت چيو ته الطاف حسين جي درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي ان تي فيصلو ڪرڻو آهي گهرو وزارت مان ڪوبه ماڻهو ئي ناهي آيو ڊائريڪيشن ڪنهن کي ڏيون جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته گهرو وزارت وارا عجيب ماڻهو آهن ڇا الطاف حسين جي درخواست ڪنهن ڏٺي به آهي جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته هڪ درخواست 2014 کان ٻڌڻي هيٺ آهي ان کي ڏسو ته صحيح جيڪڏهن الطاف حسين جي سڃاڻپ ڪارڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ته اهو به ٻڌائي ڇڏيو جنهن کان پوءِ عدالت گهرو ۽ پرڏيهي وزارت جي لاڳاپيل ڊائريڪٽر کي اڌ ڪلاڪ ۾ هاءِ ڪورٽ طلب ڪري ورتو

پنھنجي راءِ لکو