پيپلز بس سروس جي نئين روٽ جو اعلان

سنڌ : حڪومت حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي نئين روٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو عوام جي سهولت لاءِ حيدرآباد ۾ هالا ناڪي، ڏيٿا اسٽيشن کان ٽنڊي ڄام کيسانه موري تائين پيپلز بس سروس جي نئين روٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته نئين روٽ سان حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي رهواسين کي سفر جون بهترين سهولتون ملنديون، عوام کي بهترين سفري سهولتن جي فراهمي پ پ جي ترجيح آهي.