نجي قرض تي وياج وٺندڙن خلاف سنڌ ۾ پهريون ڪيس داخل

نجي قرض تي وياج جي ڪاروبار خلاف سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ٿيڻ کانپوءِ بدين ۾ پهريون ڪيس داخل ڪيو ويوپوليس موجب وياج جي ڪاروبار ۾ ملوث شخص سنيل ڪمار خلاف نئين قانون تحت ڪيس بدين جي ڳوٺ عمر لغاري جي رهواسي علي محمد جي دانهن تي داخل ڪيو ويو ايف آءِ آر موجب سنيل ڪمار درخواست گذار کي ٻه لک رپيا قرض ڏئي سندس چيڪ اپ ۽ اي ٽي اي ڪارڊ کي پاڻ وٽ گروي رکي ڇڏيو ۽ رڳو 15 مهينن ۾ 2 لک قرض تي اڍائي لک رپيا وياج طلب ڪيو متاثر شخص پوليس سان رابطو ڪيو، جنهن تي پوليس پنهنجي انڪوائري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ پروهيبيشن آف انٽرسٽ آن پرائيوٽ لون 2023ع تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي اي ايس پي ماجده هاليپوٽو موجب قانون تحت وياج جي ڪاروبار ۾ ملوث شخص تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 کان 10 سال سزا، جڏهن ته 10 لک رپين تائين ڏنڊ به لڳي سگهي ٿو سندس چوڻ هو ته وياج خورن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي.