وڪيل قتل ڪيس ۾ عدالت عمران خان جي گرفتاري 24 آگسٽ تائين روڪي ڇڏي. ميڊيا رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل عبدالرزاق شر جي قتل ڪيس ۾ نامزد چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي اپيل تي جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل امان الله ڪنراني بينچ جي ٻن ميمبرن تي اعتراض اٿاريا جسٽس حسن اظهر رضوي جسٽس يحيٰ آفريدي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته الزامن جا ثبوت ڏيو، ٻي صورت ۾ کيس توهين عدالت جو نوٽيس ڏنو ويندو. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جيڪي الزام لڳايا آهن انهن کي ثابت ڪرڻو پوندو، اسان ڪمزور ناهيون. وڪيل امان الله ڪنراني چيو ته مان اوهان جو غلام ناهيان، عام شهري آهيان، مون کي راءِ جي آزادي آهي جسٽس مظاهر نقوي رمارڪس ڏنا ته ڇا اسان غلام آهيون؟ جسٽس مظاهر نقوي جسٽس حسن اظهر رضوي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان معافي قبول ڪري رهيا آهيو؟ جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته معافي ان شرط تي قبول ڪري رهيو آهيان ته اهي الزام واپس ورتا وڃن، اسان 35 سالن کان ان شعبي ۾ ڪم ڪيو آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس مظهر نقوي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا معافي قبول ڪري رهيا آهيو جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جواب ڏنو ته بلڪل نه، جسٽس يحيٰ آفريدي رمارڪس ڏنا ته سينيئر وڪيل جو اهڙو ڳالهائڻ سٺو نٿو لڳي، جسٽس يحيٰ آفريدي وڪيل کي فوري معافي گهرڻ جو چيو. وڪيل امان الله ڪنراني عدالت ۾ هٿ ٻڌي معافي گهري. وڪيل چيو ته تون وڏو آهين، معافي ٿو گهران، جيڪڏهن جج بڻجي ويندؤ ته ٺيڪ آهي، جيڪڏهن تون ڌر بڻجي وڃين ته پوءِ ڳالهائيندس منهنجي گذارش آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي ميرٽ تي ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي وڪيل اعتراض واريا، وڪيل امان الله جو رويو ناقابل قبول قرار ڏنو. عدالتي وقار جي توهين ڪئي وئي، وڪيل کي معافي وٺڻ جو چيو ويو، امان الله ڪنراني عدالت کان غير مشروط معافي گهري ورتي. بعد ۾ سپريم ڪورٽ عمران خان جي گرفتاري 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.