غوثپور لڳ ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ بي ايس فيڊر کي ويھ فوٽ گهارو پئجي ويو آھي۔

غوثپور لڳ ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ بي ايس فيڊر کي ويھ فوٽ گهارو پئجي ويو آھي۔ جنھن سبب ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو پئدا ٿي ويو آھي ڳوٺ علي بخش اوڳاهي وٽ بي ايس فيڊر جي لوپ بند کي اڄ صبح جو 20 فوٽ گهارو پئجي ويو جنھن سبب بي ايس فيڊر جو پاڻي تيز رفتاري سان ڳوٺن ڏي وڌڻ لڳو آھي بند ٽٽڻ سبب ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت گھاري کي بند ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ٿي ويا۔ جڏھن ته پاڻي تيزي سان ڳوٺن طرف وڌڻ سبب لکين روپين جي ساريالي فصل کي نقصان جو انديشو پڻ پئدا ٿي ويو آھي۔ ٻئي پاسي واقعي کي ٽي ڪلاڪ گذري ويا آھن پر ڪوبه آبپاشي عملدار واقعي واري ھنڌ نه پھتو آھي جنھن سبب ڳوٺاڻن ۾ خوف جي لھر پکڙجي ويئي آھي ڳوٺاڻن پاران آبپاشي عملدارن جو ھن اھم مسئلي طرف ڌيان ڇڪائيندي مطالبو ڪيو ويو آھي ته گهارو ترت بند ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي۔