عالمي : مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت 7 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. برطانوي برينٽ خام تيل جي اگهن ۾ واڌ جا اهم سبب آمريڪي تيل جي ذخيرن ۾ گهٽتائي، روس ۽ سعودي عرب طرفان پيداوار ۾ گهٽتائي شامل آهن. تفصيل موجب اڄوڪي واپار ۾ برطانوي خام تيل جي قيمت ۾ 44 سينٽس في بيرل اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ قيمت 86.59 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي، هڪ موقعي تي قيمت 87.65 ڊالر تائين به پهچي وئي، جيڪا 27 جنوري 2023ع کان پوءِ جي بلند ترين سطح آهي ماهرن جو چوڻ آهي ته چين طرفان طلب ۾ گهٽتائي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال هاڻي تبديل ٿي وئي آهي ۽ خام تيل جي طلب ۾ مسلسل ڇهين هفتي به اضافو ٿيو آهي، جنهن جو وڏو سبب اوپيڪ اتحاد طرفان سپلاءِ ۾ گهٽتائي آهي گذريل هفتي آمريڪي حڪومت پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، يو ايس ايندھن جي اسٽاڪ ۾ 2.7 ملين بيرل جي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ڊيزل ۽ حرارتي تيل جي اسٽاڪ پڻ 1.7 ملين بيرل گهٽجي ويا، جيتوڻيڪ ماهرن رائٽرز پول ۾ رزرو مستحڪم رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي واپار دوران آمريڪي خام تيل ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي قيمت 84.65 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي، جيڪا نومبر 2022 کان پوءِ بلند ترين سطح هئي، پر بعد ۾ قيمت 83.34 ڊالر تائين گهٽجي وئي.