73

غوثپور : ڳوٺ غلام قادر شيخ ۾ 30 ورهين جي عورت قتل

غوثپور شھر ڀرسان ڳوٺ غلام قادر شيخ ۾ 30 ورهين جي عورت ۽ چئن ٻارڙن جي ماء مسمات ممتاز شيخ پراسرار نموني فوت ٿي وئي فوتي عورت جي پي منير احمد شيخ ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته منھنجي ڄاٽي نظير احمد شيخ پنھنجي ڀائرن امداد شيخ شبير، انعام شيخ گڏجي منهنجي نياڻي کي بيگناهه بيدردي سان گھٽا ڏيئي قتل ڪيو آهي جنھن لا۽ مان ڪورٽ ويندس مون سان ناجائزي ڪئي ويئي آھي ۽ بي گناھ منھنجي نياڻي جو خون ڪيو ويو آھي ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي فوتي عورت جي مڙس جو چوڻ آهي ته عورت بيماري سبب فوت ٿي آھي۔ پوليس مقتوله ناري جو لاش کڻائي سندس پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي اين سي داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔ ٻئي پاسي مقتوله مائي جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو۔ پوليس ھڪ مبينه جوابدار امداد شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آھي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو