ڪراچي : کانپوءِ هڪ ٻئي شهر ۾ به جشن آزادي جي موقعي تي باجا وڄائڻ ۽ خريد و فروخت تي پابندي لاڳو

ڪراچي : کانپوءِ هڪ ٻئي شهر ۾ جشن آزادي جي موقعي تي باجا وڄائڻ ۽ وڪڻڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪوهاٽ ۾ به قلم 144 تحت رانديڪن جي پريشر هارن جي وڪري ۽ خريداري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. تفصيل موجب ڪوهاٽ ۾ رانديگرن جي پريشر هارن جي خريد و فروخت تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ڊپٽي ڪمشنر ڪوهاٽ ڊاڪٽر عظمت الله وزير موجب رانديڪن جي پريشر هارن خلاف عوامي شڪايتون ملي رهيون هيون، جنهن جي وڪري تي قلم 144 تحت پابندي لڳائي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ٽريفڪ انچارج فهيم بنگش ايڊيشنل انچارج عرب جان سان گڏجي ڪوهاٽ شهر ۾ ٽوئي پريشر هارن استعمال ڪرڻ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري درجنين پريشر هارن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي ڇڏيو واضح رهي ته ڪراچي ۾ ان کان اڳ به جشن آزادي جي موقعي تي باجا وڄائڻ ۽ خريد و فروخت تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر قائد ڪراچي جي مقامي عدالت جشن آزادي جي موقعي تي باجا وڄائڻ ۽ باجي جي خريد و فروخت تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير جي عدالت ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ سيد انور علي شاهه ايس ايڇ او شريف ڳوٺ ۽ سچل کي جشن آزادي جي موقعي تي باجي کيڏڻ ۽ وڪڻڻ وارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي اڱاري ڏينهن ٿيندڙ ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته جشن آزادي جي موقعي تي بگل لڳائي عوام کي پريشان ڪيو وڃي ٿو، بگل ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ آزادي جو ڏهاڙو 14 آگسٽ سومر تي ملهايو ويندو. آزاديءَ جو ڏهاڙو سڄي ملڪ ۾ شاندار ۽ روايتي انداز سان ملهايو پيو وڃي.