اسد عمر جو چوڻ آهي ته پ پ جي حڪومت آخرڪار پڄاڻي تي پهتي آهي. تفصيل موجب اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت 16 مهينن ۾ ملڪي معيشت تباهه ڪري ڇڏي، عوام تاريخ جي بدترين مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي. پي ڊي ايم حڪومت پارليامينٽ جي بي عزتي ڪئي ۽ جمهوريت کي ڪمزور ڪيو هن چيو ته پ پ جي حڪومت اربين جي ڪرپشن ۽ آئين کان انحراف ڪندي آخرڪار پڄاڻي تي پهتي آهي، هاڻي عوام کي انهن کان چونڊن ۾ بدلو وٺڻو پوندو ياد رهي ته 13 پارٽين جي اتحادي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي. صدر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف طرفان موڪليل قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي صدر طرفان وزيراعظم جي سمري تي صحيح ڪرڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي سميت وفاقي ڪابينا به ٽوڙي وئي. وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي. دستخط کانپوءِ شهباز شريف اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر عارف علوي کي موڪلي ڏني، جنهن جي صدر فوري طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 58-1 تحت اسيمبلي ٽوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته قومي اسيمبلي ۽ وفاقي ڪابينا ٽوڙڻ باوجود شهباز شريف نگران وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻ تائين وزيراعظم جي عهدي تي رهندو. نگران وزيراعظم جي چونڊ لاءِ شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچ ۾ خميس تي ملاقات جو امڪان آهي. نگران وزيراعظم جي نالي تي ٻنهي اڳواڻن ۾ اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم جي چونڊ جو فيصلو ڪندي.