آمريڪا: اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم خلاف سازش ۾ ملوث ناهي

آمريڪا : هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم خلاف سازش ۾ ملوث هجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آمريڪا اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم خلاف سازش ۾ ملوث ناهي، پاڪستاني سفارتڪارن سان خانگي ڳالهه ٻولهه نه ٿي ڪري سگهي جيڪي مبينه دستاويز سامهون آيا آهن انهن تي تبصرو نه ڪندس، دستاويز ثابت نه ٿا ڪن ته آمريڪا ڪو اڳواڻ چونڊيو آهي يا نه. هن واضح ڪيو ته هو ان رپورٽ کي مستند نه چوندا، ان دستاويز جي سڀني ڳالهين کي درست سمجهڻ درست نه هوندو. پرڏيهي معاملن واري کاتي جو نمائندو اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته ڪهڙي ملڪ تي ڪهڙي اڳواڻ جي حڪومت آهي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته مواد آمريڪا جو موقف نٿو ظاهر ڪري ته پاڪستان جو سربراهه ڪير هجي؟ چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان روس جي دوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو، اڳوڻي پاڪستاني سفير به چيو آهي ته آمريڪا تي لڳايل الزام ڪوڙا آهن ميٿيو ملر هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته پاڪستان بابت آمريڪا جا الزام ڪوڙ آهن ۽ ڪوڙ ئي رهندا، پاڪستاني حڪومت سان سڌي ريت ڳالهيون جاري رکيون وينديون. ياد رهي ته ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو هو ته عمران خان جي گرفتاري جو ماضي ۾ آمريڪا تي ڪيل تنقيد سان ڪو به تعلق ناهي. صحافي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري بابت سوال ڪيو ته ڇا توهان جي نظر ۾ سندس خلاف ٽرائل منصفانه هو؟ جنهن تي ميٿيو ملر چيو ته اسان ان کي پاڪستان جو اندروني معاملو سمجهون ٿا ۽ سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به جمهوري اصولن، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جو مطالبو ڪندا رهنداسين.