سکر : جي گوليمار روڊ واري علائقي جي رهواسين پاران برسات متاثرين جي واهر نه ٿيڻ ۽ گندگي خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ميونسپل ڪارپوريشن ۽ سکر انتظاميه خلاف شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي صابر ڀٽي، مشتاق چاچڙ، عابد مهر، محمد مراد ملڪ سهيل نوناري ۽ ٻين چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي بي ڌياني سبب گوليمار واري پوري علائقي ۾ صفائي نٿي ڪئي وڃي جنهن سبب روڊن رستن تي گندگي جا ڍير لڳل آهن ۽ گندگي سبب بيمارين ڦھلجي ويون آهن، هنن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا گوليمار واري علائقي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيا آهن، گوليمار واري علائقي ۾ برسات متاثرين کي راشن، خيما ۽ ٻيو سامان به ناهي ڏنو ويو هنن وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاه، صوبائي وزير ناصر حسين شاھ سميت اختيار ڌڻين کي واهر جي اپيل ڪئي آهي
