ٺڪراٺو : پيپلز پارٽي جي پندرهن سال حڪومتي دئورجي پڄاڻي گذريل چاليهن سالن کان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندڙ

ٺڪراٺو : پيپلز پارٽي جي پندرهن سال حڪومتي دئورجي پڄاڻي گذريل چاليهن سالن کان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندڙ پنهنجي ووٽرن جي شهر ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي ڪا به سار نه لڌي شهر کنڊرات جو منظر ڏيڻ لڳو تعلقه پنوعاقل جي ٻن وڏين يوسين ۾ ترقياتي ڪم زيرو رڳو من پسند ماڻھن جا ڪم ٿيڻ لڳا ايم پي اي جي ڪوٽا مان آيل اسڪيمن ۾ حق دار پاڙا ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ نظرانداز ٺيڪيدار من پسند ماڻھن جا ڪم ڪري اسانکي نظرانداز ڪري رھيا آھن روڊن رستن ۽ نالين جي جتي ضرورت آھي ڪم نه ٿا ٿين ڳوٺن ۽ پاڙن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي پريشاني کان بچايو وڃي رھواسين جو مطالبو ٺڪراٺو تعلقي پني عاقل جي ٻن وڏين يوسين مبارڪپور ۽ روپھر ٺڪراٺو بنيادي مسئلن جو شڪار بڻيل آھن سوين ڳوٺ ٽف ٽائيل روڊ رستن سميت ٻين سھولتن کان محروم بڻيل آھن جڏھن ته رڳو من پسند پاڙن ۽ ڳوٺن ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آھن ڪيترائي علائقا مڪمل طور تي نظرانداز ڪيا ويا آھن ان سلسلي ۾ ھتان جي رھواسين عابد حسين منگي شفقت حسنن منگي محمد عالم ڪنڀر مجيب دايو ڪريم بخش سومرو ولي محمد منگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته تعلقي پني عاقل جي ٻن يوسين روپھر ۽ مبارڪپور مان پيپلزپارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيندا پيا اچن پر ھيڏو وقت گذرڻ باوجود اسانجن علائقن ٺڪراٺو روپھر مبارڪپور ڳاڙھو دڙو ٿمي نئون آباد ڀائي خان مھر گاگنائو ڦيسڙ سرونوار پوٺو مھر منگي محلا پي ٽي سي ايل ايڪسينچ محلا مھر مڱريا سومرا ڪنڀر محلا سميت ڪيترائي پاڙن ۾ ترقياتي ڪم ٿي ناھن سگھيا ھنن چيو ته تازو ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو پاران علائقن ۾ ٽف ٽائيل پيور بلاڪ سي سي بلاڪ روڊن رستا ۽ ناليون ٺھرائڻ واري ڪروڙن جي اسڪيم منظور ڪرائي آھي پر ان ۾ ٺيڪيدار مقامي بااثر ماڻھن جي چوڻ تي من پسند ماڻھن جا ترقياتي ڪم ڪرائي رھيا آھن جڏھن ته ڪيترن ئي غريبن جا پاڙا نظرانداز ڪيا ويا آھن ھنن چيو ته ٻنھي يوسين ۾ ھڪ لک کان وڌيڪ آبادي آھي 200 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ آھن پر اتڙي نه پڪا رستا آھن نه ناليون ٺھرايون ويون آھن نه ئي وري ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آھن جنھن سبب ھتان جا رھواسي وڏي مشڪلات کي منھن ڏئي رھيا آھن ھتان جي رھواسين تڪ مان چونڊيل ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو کان مطالبو ڪيو آھي ته من پسند ماڻھن جا ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن کي ھٽائي اڻڌريو ٿي ڪري ٻنھي يوسين ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن ته جيئن عوام مشڪلاتن کي بچي سگھي